گمبٽ .قومي شاهراهه تي پپري پل وٽ خوفناڪ حادثو پيش آيو، جتي ڪراچي کان اسلام آباد ويندڙ مسافر ڪوچ ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ معصوم ٻارڙي سميت ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته پنج مسافر زخمي ٿي پيا۔ تفصيل موجب پل ۾ کڏا هجڻ ڪري حادثو پيش آيو، جنهن دوران رحيم يار خان واسي اسلم ۽ ننڍڙي نعيما موقعي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪوچ جو ڊرائيور سميت پنج مسافر زخمي ٿي پيا۔ اطلاع ملڻ تي ريسڪيو 1122 ٽيمون پهتيون ۽ فوتين ۽ زخمين کي گمس اسپتال منتقل ڪيو۔ اسپتال انتظاميه موجب فوتين جا مڙه ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، جڏهن ته زخمين جو علاج جاري آهي۔
