اسلام آباد راجا ناصر حنيف قتل ڪيس جو فيصلو 12 جوابدارن کي عمر قيد 3 بري

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد پيپلز پارٽي جي مقامي اڳواڻ راجا ناصر حنيف سميت چار ڄڻن جي قتل ڪيس ۾ اهم فيصلو ٻڌائيندي 12 جوابدارن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، جڏهن ته ثبوت نه هئڻ سبب 3 جوابدار بري ڪيا ويا۔عدالتي فيصلي موجب مقتول راجا ناصر حنيف ۽ جوابدارن وچ ۾ جائيداد جو تڪرار هو، جيڪو بعد ۾ خوني واقعي ۾ تبديل ٿيو۔ جوابدارن فائرنگ ڪري راجا ناصر حنيف، هارون قدير، عدنان ۽ عمران کي قتل ڪيو۔عدالت قرار ڏنو ته سڀئي سزا يافته جوابدار گڏيل طور تي چارئي ماڻهن جي قتل ۾ ملوث هئا، جنهن جي نتيجي ۾ کين قانون مطابق عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي۔ سزا پائڻ وارن ۾ راجا رضي، سهيل، ساجد الرحمان، محب الرحمان، نديم، سعد، فهد ۽ مهدي عباسي شامل آهن، جڏهن ته فهيم عباسي، نادر، فيضان ۽ محمد حفيظ کي پڻ عمر قيد جي سزا ملي آهي۔عدالت ثبوتن ۽ شاهدن جي بيانن جي بنياد تي فيصلو ڏيندي چيو ته قتل جهڙي سنگين ڏوهه ۾ ملوث جوابدار ڪنهن به رعايت جا حقدار ناهن

پنھنجي راءِ لکو