وفاقي حڪومت جو زرخيز اي زرعي قرضو پروگرام 93 سيڪڙو ننڍن هارين لاءِ بغير ضمانت ڊجيٽل فنانس

وفاقي حڪومت رسمي مالي نظام کان ٻاهر رهندڙ 93 سيڪڙو ننڍن هارين ۽ آبادگارن لاءِ ’زرخيز اي‘ نالي زرعي قرضو پروگرام شروع ڪري ڇڏيو آهي۔ وزارت خزانه موجب هي بغير ضمانت ۽ ڊجيٽل طور فعال اسڪيم آهي، جنهن جو مقصد انهن هارين کي مالي نظام ۾ شامل ڪرڻ آهي جيڪي ڊگهي عرصي کان ان کان محروم رهيا آهن۔وزارت خزانه ٻڌايو ته هي قدم بنيادي ۽ ڍانچائي سڌارو آهي۔ پروگرام تحت 7 لک 50 هزار اهڙا هاري مالي نظام ۾ شامل ڪيا ويندا، جيڪي اڳ ۾ ان جو حصو نه هئا۔ ايندڙ ٽن سالن ۾ هن اسڪيم ذريعي ڳوٺاڻين معيشت ۾ 300 ارب رپين جي روانگي متوقع آهي۔قرض ڏيڻ ۾ زمين جي ملڪيت بدران صلاحيت کي بنياد بڻايو ويندو۔ ريڊ ٽيپ جي جاءِ تي ڊجيٽل ايگرونومي، سيٽلائيٽ ڊيٽا ۽ تصديق ٿيل سڃاڻپ نظام استعمال ٿيندو۔ تاريخي طور زرعي قرضن ۾ ٿورڙا هاري وڏو حصو وٺندا رهيا آهن—نئون پروگرام ان عدم توازن کي درست ڪرڻ لاءِ ترتيب ڏنو ويو آهي۔اسڪيم تحت مزارع هارين لاءِ 5 لک رپيا ۽ زمين رکندڙ هارين لاءِ 10 لک رپيا تائين قرضو مهيا ڪيو ويندو۔ پروگرام علائقائي برابريءَ تي ٻڌل آهي ته جيئن ڪي پي، بلوچستان، گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ سنڌ ۽ پنجاب جي محروم علائقن جا هاري برابر فائدو وٺي سگهن۔ فصل ۽ زندگي جي بيمه جون سهولتون به شامل آهن۔پاڪستان بينڪس ايسوسيئيشن جي چيئرمين ظفر مسعود چيو ته بينڪنگ انڊسٽري زرخيز ايپ جي ڪامياب نفاذ لاءِ پرعزم آهي ۽ اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان سان ويجهي سهڪار جاري رکيو ويندو۔ زرخيز ايپ گوگل پلي اسٽور تي موجود آهي، جڏهن ته ڊجيٽل آن بورڊنگ لاءِ هاري ويجهي بينڪ برانچ سان رابطو ڪري سگهن ٿا۔

پنھنجي راءِ لکو