موسميات کاتي موجب مينهن برساندڙ مغربي هوا اڄ پاڪستان ۾ داخل ٿيندي. گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ 19 جنوري تائين مينهن ۽ برفباري جو امڪان آهي. مري ۽ گليات ۾ 18 کان 20 جنوري تائين مينهن ۽ برفباري ٿيندي. اسلام آباد ۽ پنجاب جي مختلف ضلعي ۾ 20 کان 23 جنوري تائين مينهن جا ميڙا ٿيندا، جڏهن ته بلوچستان ۾ 21 جنوري کان مينهن ۽ برفباري جو امکان آهي. ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ 22 ۽ 23 جنوري تي مينهن جو امڪان آهي. نيشنل ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) عوام کي غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
