پاڪستان ۾ مغربي هوائن جو نئون سلسلو داخل ٿي ويو آهي، جنهن سبب ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ مٿين علائقن ۾ برفباري جو امڪان آهي محڪمه موسميات موجب پنجاب جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ 10 فيبروري تائين برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، جن ۾ راولپنڊي، جهلم، چڪوال، سرگودها، ميانوالی، اٽڪ، جهنگ، نارووال ۽ يالڪوٽ شامل آهن۔محڪمه موسميات جو چوڻ آهي ته خيبرپختونخوا، گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير، مري ۽ گليات ۾ برسات سان گڏ مٿين علائقن ۾ برفباري متوقع آهي۔ ڪاغان، دير، سوات، ڪالام، چترال، ڪوھستان، مانسهره ۽ ڪشمير ۾ برفباري جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي۔ٻئي پاسي بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ موسم ٿڌو ۽ نمي وارو رهڻ جو امڪان آهي۔ ڪوئيٽا، زيارت، پشين، چمن، قلعو عبدالله، قلعو سيف الله، ژوب، موسيٰ خيل، مستونگ، قلات ۽ خاران ۾ برسات جڏهن ته جبلن تي هلڪي برفباري ٿي سگهي ٿي۔محڪمه موسميات موجب اسلام آباد، پشاور، صوابي، چارسده، ڪوهاٽ، جهنگ، خوشاب، ڊيره غازي خان، ليه، ڀڪر ۽ ميانوالی ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات متوقع آهي، جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ اولي پوڻ جو به امڪان آهي۔ڪراچي ۾ موسم ابرآلود رهڻ جي اميد آهي جڏهن ته ساحلي پٽي تي هلڪي بوندا باندِي ٿي سگهي ٿي۔ شهرين کي محتاط رهڻ ۽ مٿين علائقن جو غير ضروري سفر نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي۔
