سوئٽزرلينڊ ۾ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ممڪن جوهري ڳالهين جي پهرين دور جي جلد شروعات جي اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي، جنهن کي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي.آمريڪي ويب سائيٽ موجب آمريڪي صدر Donald Trump جو خاص نمائندو Steve Witkoff ڳالهين لاءِ سوئٽزرلينڊ روانو ٿي ويو آهي، جڏهن ته ٽرمپ جو ناٺي ۽ صلاحڪار Jared Kushner اڳ ئي اتي موجود آهي.رپورٽ موجب ٻنهي ملڪن طرفان ڳالهين جي باضابطه شروعات جي تاريخ جو اعلان ناهي ڪيو ويو، پر ان اڳڀرائي کي ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ سفارتي عمل کي اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش قرار ڏنو ويو آهي.
ذريعن موجب اهي ڳالهيون جمعي ڏينهن شروع ٿيڻيون هيون، پر لبنان ۾ اسرائيل ۽ حزب الله وچ ۾ جاري جهيڙن سبب انهن کي ملتوي ڪيو ويو. هن وقت تائين اها ڳالهه واضح ناهي ته ڳالهين لاءِ نئين تاريخ مقرر ڪئي وئي آهي يا نه.
