اسلام آباد: حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڏي گهٽتائي ڪرڻ سان گڏ پيٽروليم ليوي جي شرحن ۾ به تبديليون ڪري ڇڏيون آهن.
ذريعن موجب پيٽرول تي لاڳو ليوي ۾ 40 رپيا 49 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کان پوءِ نئين شرح 66 رپيا 25 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ڊيزل تي ليوي ۾ 19 رپيا 71 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن بعد اها 72 رپيا 97 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي.مٽي جي تيل تي ليوي 20 رپيا 36 پئسا في ليٽر ۽ لائٽ ڊيزل آئل تي 15 رپيا 84 پئسا في ليٽر برقرار رکيل آهي.وزيراعظم شهباز شريف پيٽرول جي اگهه ۾ 74 رپيا ۽ ڊيزل جي اگهه ۾ 67 رپيا في ليٽر گهٽتائي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته نئين اگهن تحت پيٽرول 373 رپين مان گهٽجي 299 رپيا في ليٽر ۽ ڊيزل 378 رپين مان گهٽجي 311 رپيا في ليٽر ٿي ويندو.حڪومت موجب نوان اگهه رات 12 وڳي کان لاڳو ٿيندا، جنهن سان عوام کي اهم رليف ملڻ جي اميد آهي.
