ايران جو علائقي ۾ آمريڪي اڏن تي حملن جي دعويٰ، خليجي ملڪن ميزائل ۽ ڊرون حملا ناڪام بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي

تهران: ايران جي پاسدارانِ انقلاب دعويٰ ڪئي آهي ته قطر، عمان، اردن، گڏيل عرب امارات، بحرين ۽ ڪويت ۾ موجود آمريڪي فوجي اڏن ۽ تنصيبات کي نشانو بڻايو ويو آهي. ايراني اختيارين موجب مختلف هنڌن تي بيلسٽڪ ميزائلن ۽ ڊرونن ذريعي حملا ڪيا ويا.پاسدارانِ انقلاب موجب اردن ۾ آمريڪي ايئر بيس جي ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر ۽ ايم ڪيو ڊرون هينگر کي نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته قطر جي العديد ايئر بيس تي بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪيا ويا. عمان جي بندرگاهه دقم ۾ لاجسٽڪ سپورٽ مرڪزن، جڏهن ته ڪويت، بحرين ۽ گڏيل عرب امارات ۾ به مختلف فوجي هدفن تي حملن جي دعويٰ ڪئي وئي.ٻئي طرف قطر، گڏيل عرب امارات ۽ ڪويت چيو آهي ته سندن فضائي دفاعي نظام ايراني ميزائلن ۽ ڊرون حملن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. قطري دفاع واري وزارت موجب ميزائل حملي کي روڪيو ويو، پر ملبو ڪرڻ سبب هڪ ٻار سميت ٽي ڄڻا زخمي ٿيا.گڏيل عرب امارات جي دفاع واري وزارت موجب ملڪ جو دفاعي نظام ايراني ميزائلن ۽ ڊرونن جو مقابلو ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ڪويتي فوج چيو آهي ته فضائي دفاعي نظام دشمن جي حملن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ ڪارروائي ڪئي. بحرين ۾ پڻ حملن کانپوءِ خطري جا سائرن وڄايا ويا.هوڏانهن عماني حڪومت صوبي مسندم ۾ ٿيل ڊرون حملن جي مذمت ڪندي تصديق ڪئي آهي ته ڪجهه هنڌن کي نشانو بڻايو ويو. سيڪيورٽي ذريعن موجب واقعي کانپوءِ صورتحال جو جائزو ورتو پيو وڃي.

پنھنجي راءِ لکو