اسلام آباد: صدر آصف علي زرداري مسلم ورلڊ ليگ جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسيٰ کي نشانِ خدمت ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. کين هي اعزاز عالمِ اسلام لاءِ خدمتن، بين المذاهب هم آهنگي ۽ امتِ مسلمه ۾ گڏيل سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جي اعتراف طور ڏنو ويندو.
صدر مملڪت نمل (نيشنل يونيورسٽي آف ماڊرن لينگويجز) پاران ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسيٰ کي اعزازي ڊاڪٽريٽ ڏيڻ جي پڻ منظوري ڏني آهي. کين اسلامي اڀياس ۽ بين الاقوامي لاڳاپن جي شعبي ۾ خدمتن جي اعتراف طور اعزازي ڊگري سان نوازيو ويندو.
ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسيٰ سعودي عرب جا ناميارا عالمِ دين ۽ منتظم آهن. هو مئي 2016 کان مسلم ورلڊ ليگ جي سيڪريٽري جنرل طور پنهنجون ذميواريون نڀائي رهيا آهن. ان کان اڳ هو سعودي عرب جي وزيرِ انصاف طور پڻ خدمتون سرانجام ڏئي چڪا آهن ۽ پوءِ شاهي ديوان ۾ وزير جي درجي واري صلاحڪار طور مقرر ٿيا.
سن 1436 هجري ۾ کين رابطه عالم اسلامي جو سيڪريٽري جنرل مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته 1443 هجري ۾ مسجد نمره، مڪي شريف ۾ خطبوءِ حج ڏيڻ جو اعزاز پڻ حاصل ڪيو، جنهن بعد هو سعودي دور جا تيرهون خطيبِ عرفه بڻيا.
