ليسڪو آفيسرن جي مفت بجلي يونٽن جي سهولت ختم، هاڻي عام صارفن وانگر بل ڀريندا

لاهور: عوام لاءِ خوشخبري آهي ته لاهور اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (ليسڪو) جي گريڊ 18 کان 20 تائين جي آفيسرن لاءِ مفت بجلي يونٽن جي سهولت ختم ڪئي وئي آهي. هاڻي انهن آفيسرن کي به عام شهرين وانگر بجلي جا بل جاري ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن.

ليسڪو ذريعن موجب لڳ ڀڳ 30 سالن کانپوءِ پهريون ڀيرو آفيسرن جي مفت بجلي واري سهولت ختم ڪئي وئي آهي، جنهن سبب ڪيترن ئي آفيسرن جي پگهار جو وڏو حصو بجلي جي بلن جي ادائيگي ۾ خرچ ٿي رهيو آهي.

ذريعن موجب گريڊ 18 جي آفيسرن کي ساليانو 6 هزار، گريڊ 19 جي آفيسرن کي 8 هزار ۽ گريڊ 20 جي آفيسرن کي 10 هزار مفت بجلي يونٽ ملندا هئا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اهو فيصلو ملڪ جي ٻين بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين (ڊسڪوز) جي گريڊ 18 کان 20 تائين جي آفيسرن لاءِ به ڪيو ويو هو، پر ٻين ڪمپنين عدالتن مان حڪمِ امتناع وٺي مفت بجلي جي سهولت ٻيهر بحال ڪرائي ورتي.

ليسڪو آفيسرن جو چوڻ آهي ته ٻين ڪمپنين ۾ مفت بجلي جي سهولت جي بحالي غير قانوني آهي، ڇاڪاڻ ته پگهارن ۾ سڀئي مراعتون اڳ ئي شامل هونديون آهن. هنن مطالبو ڪيو آهي ته توانائي واري وزارت سڀني ادارن لاءِ هڪجهڙي پاليسي لاڳو ڪري ۽ مفت بجلي جي سهولت مڪمل طور ختم ڪئي وڃي.

پنھنجي راءِ لکو