لاهور: آچر جي هفتيوار موڪل جي موقعي تي لاهور ٽريفڪ پوليس نابالغ، بغير لائسنس ڊرائيورن ۽ موٽر سائيڪل تي ٽن ڄڻن جي سواري خلاف خصوصي ڪريڪ ڊائون جو اعلان ڪيو آهي.
چيف ٽريفڪ آفيسر (سي ٽي او) عبدالرحيم شيرازي موجب نابالغ يا بغير لائسنس گاڏي ۽ موٽر سائيڪل هلائيندڙن جا نه رڳو چالان ڪيا ويندا، پر سندن گاڏيون ۽ موٽر سائيڪلون پڻ تحويل ۾ ورتيون وينديون. هن چيو ته گاڏي يا موٽر سائيڪل صرف جووينائل پرمٽ پيش ڪرڻ کانپوءِ ئي واپس ڪئي ويندي.
سي ٽي او موجب موڪل واري ڏينهن ڪيترائي ٻار ۽ نابالغ موٽر سائيڪلون، گاڏيون ۽ رڪشا وٺي روڊن تي نڪري ايندا آهن، تنهن ڪري شهرين جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ هي خصوصي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.
هن وڌيڪ چيو ته محفوظ سفر کي هٿي ڏيڻ لاءِ موٽر سائيڪل تي ٽن ڄڻن جي سواري خلاف به سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.
