تهران: ايران آمريڪا تي معاهدي جي ڀڃڪڙي جو الزام لڳائيندي تازي مفاهمتي يادداشت (ايم او يو) تحت پنهنجين سڀني ذميوارين تي عمل معطل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.ايران جي نائب پرڏيهي وزير ۽ ٽيڪنيڪل ڳالهين واري ٽيم جي سربراهه ڪاظم غريب آبادي چيو ته آمريڪا اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تحت ڪيل واعدن جي ڀڃڪڙي ڪئي، جنهن کانپوءِ ايران پڻ معاهدي تحت پنهنجين ذميوارين تي عمل روڪي ڇڏيو آهي.ايراني اختيارين موجب آمريڪا آبنائي هرمز جي انتظام بابت معاهدي جي شقن کي نظرانداز ڪيو، جڏهن ته معاهدي موجب هن اهم سامونڊي گذرگاهه جو انتظام عمان ۽ خطي جي ٻين ملڪن سان صلاح مشوري ذريعي ٿيڻ گهرجي.
پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو ته معاهدي جي شق نمبر 5 ۾ آبنائي هرمز جي انتظام لاءِ علائقائي صلاح مشوري تي زور ڏنو ويو هو، پر آمريڪا ان تي عمل ڪرڻ بدران ان آبي گذرگاهه تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ چاهي ٿو.هوڏانهن ايران جي سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنه اي چيو ته آمريڪا بار بار معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪري ثابت ڪيو آهي ته ان جي واعدن تي ڀروسو نٿو ڪري سگهجي۔
