هاڪس بي تي 6 نوجوان سمنڊ ۾ ٻڏڻ کان بچايا ويا، 2 جي حالت ڳڻتي جوڳي

ڪراچي: هاڪس بي تي سمنڊ ۾ وهنجندي تيز لهرن جي ور چڙهيل 6 نوجوانن کي غوطه خورن بروقت ڪارروائي ڪندي ٻڏڻ کان بچائي ورتو، جڏهن ته ٻن نوجوانن کي بيهوشي جي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو.ريسڪيو اختيارين موجب متاثر ٿيل نوجوانن ۾ معيز، جازم، حوزن، علي، سعيد احمد ۽ علي مبارڪ شامل آهن، جن جون عمريون 19 کان 26 ورهين جي وچ ۾ آهن.اختيارين جو چوڻ آهي ته معيز ۽ جازم کي بيهوشي جي حالت ۾ سمنڊ مان ڪڍي ڳڻتي جوڳي حالت سبب فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته ٻين نوجوانن کي موقعي تي طبي امداد ڏني وئي.آچر جي موڪل ۽ گرم موسم سبب هاڪس بي تي ماڻهن جو وڏو انگ موجود هو. ريسڪيو اختيارين شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته سمنڊ ۾ وهنجڻ دوران احتياط ڪن ۽ حفاظتي هدايتن تي ضرور عمل ڪن.

پنھنجي راءِ لکو