فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جي فاتح ٽيم کي پهريون ڀيرو چيمپئن رنگز پڻ ڏنيون وينديون

نيويارڪ: فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جي فاتح ٽيم کي ٽرافي، سون جا تمغا ۽ 50 ملين ڊالر انعامي رقم سان گڏ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو خاص چيمپئن شپ رنگز پڻ ڏنيون وينديون.
فيفا موجب آمريڪي راندين ۾ مشهور چيمپئن رنگز جي روايت کي پهريون ڀيرو ورلڊ ڪپ جو حصو بڻايو ويو آهي. فاتح ٽيم جي رانديگرن ۽ آفيسرن لاءِ 30 خاص رنگز تيار ڪيون وينديون، جڏهن ته 1996 يادگاري رنگز سرڪاري لائسنس تحت سڄي دنيا جي مداحن لاءِ وڪري لاءِ پيش ڪيون وينديون.هر رنگ ۾ ورلڊ ڪپ ٽرافي جو خاص ڊزائن ۽ يادگاري نقاشي شامل هوندي. فاتح ٽيم کي 50 ملين ڊالر، رنر اپ کي 33 ملين ڊالر، ٽئين نمبر تي ايندڙ انگلينڊ کي 29 ملين ڊالر ۽ چوٿين پوزيشن حاصل ڪندڙ فرانس کي 27 ملين ڊالر انعام طور ڏنا ويندا۔

پنھنجي راءِ لکو