حافظ نعيم: ملڪ جي ترقي تعليم سان ممڪن، ڪراچي جي 3,500 سرڪاري اسڪولن ۾ معياري تعليم ناهي

ڪراچي (19 جولاءِ 2026): جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي ڪنهن آپريشن سان نه، پر تعليمي انقلاب سان ممڪن آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ ساڍا ٽي هزار سرڪاري اسڪول موجود آهن، پر ڪنهن به اسڪول ۾ معياري تعليم فراهم نه ٿي ڪئي وڃي.الخدمت جي “بنو قابل” پروگرام جي چوٿين سالياني ڪانووڪيشن تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته “بنو قابل” منصوبو نوجوانن لاءِ گيم چينجر بڻجي چڪو آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي نوجوانن ۾ وڏي صلاحيت موجود آهي ۽ انهن کي خاص طور آءِ ٽي جي شعبي ۾ اڳتي وڌڻ جا موقعا ملڻ گهرجن.حافظ نعيم الرحمان چيو ته آئين موجب مفت ۽ معياري تعليم فراهم ڪرڻ رياست جي ذميواري ۽ عوام جو حق آهي، پر حڪمران تعليم تي ڌيان ڏيڻ بدران وسيلا ضايع ڪري رهيا آهن. هن چيو ته “بنو قابل” پروگرام نوجوانن جي ڀلائي ۽ ملڪ جي ترقي لاءِ شروع ڪيو ويو آهي.هن سنڌ ۾ ڊگهي عرصي کان حڪمراني ڪندڙ پيپلز پارٽي تي تنقيد ڪندي چيو ته عوام کي ٻولي، ذات ۽ علائقن جي بنياد تي ورهايو وڃي ٿو، جڏهن ته طاقتور طبقا متحد رهن ٿا. هن عوام کي اتحاد ۽ يڪجهتي جو پيغام ڏنو.سندس وڌيڪ چوڻ هو ته نوجوان تعليم حاصل ڪرڻ چاهين ٿا، پر حڪمرانن انهن لاءِ موقعا محدود ڪري ڇڏيا آهن. سرڪاري نوڪرين جي کوٽ ۽ صنعتن جي ٻاهر منتقل ٿيڻ سبب نوجوان مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته آءِ ٽي جو شعبو اميد جي نئين راهه بڻجي سامهون آيو آهي.

پنھنجي راءِ لکو