آمريڪي ميڊيا موجب هٿيارن جي ذخيرن ۾ گهٽتائي بابت حساس معلومات سامهون اچڻ تي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو آهي. رپورٽن موجب انهن ڄاڻن جي ليڪ ٿيڻ سبب عالمي سطح تي آمريڪا ڪمزور نظر اچي رهيو آهي، جڏهن ته ايران تي دٻاءُ وڌائي نئين معاهدي جون ڪوششون به متاثر ٿي سگهن ٿيون. ذريعن موجب ڪيمپ ڊيوڊ ۾ ٿيل ڪابينا اجلاس دوران به صدر ٽرمپ هن معاملي تي سخت ناراضگي ظاهر ڪئي. آمريڪي عملدارن جو چوڻ آهي ته صدر هٿيارن جي ذخيرن جي حقيقي صورتحال کان اڳ ئي مڪمل طور واقف هئا، پر هو ان ڳالهه تي ناخوش آهن ته حساس معلومات ميڊيا تائين ڪيئن پهتي.
