اسلام آباد ۾ رشوت ۽ ڀتا خوري جي الزام هيٺ ڪسٽمز جا 3 آفيسر گرفتار

اسلام آباد، 8 آگسٽ 2026ع: وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) اسلام آباد ۾ ڪارروائي ڪندي رشوت ۽ ڀتا خوري جي الزام هيٺ ڪسٽمز جي ٽن آفيسرن کي گرفتار ڪري ورتو.گرفتار آفيسرن ۾ هڪ سپرنٽنڊنٽ ۽ ٻه انسپيڪٽر شامل آهن. ايف آءِ آر موجب جوابدارن ڪسٽمز جي هڪ ڪيس ۾ مبينا رعايت ڏيڻ جي عيوض 50 لک رپين جي رشوت طلب ڪئي هئي، جيڪا بعد ۾ 25 لک رپين ۾ طئي ٿي.ايف آءِ آر موجب رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ متاثر شخص جي خاندان کي ڪيس ۾ ملوث ڪرڻ ۽ هراسان ڪرڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون ويون.ايف آءِ اي عدالتي مجسٽريٽ جي نگراني ۾ سيڪٽر آءِ ايٽ جي هڪ ڪيفي تي ڇاپو هنيو، جتي هڪ ڪسٽمز انسپيڪٽر کي مبينا طور تي پنج لک رپين جي رشوت جي پهرين قسط وٺندي رنگي هٿين گرفتار ڪيو ويو. بعد ۾ ٻين ٻن آفيسرن کي پڻ حراست ۾ ورتو ويو.حڪامن موجب جوابدارن جي موبائل فونن جي فارنزڪ جاچ دوران شهرين کان رقم بٽورڻ ۽ انهن جي خاندانن کي هراسان ڪرڻ بابت اهم ثبوت پڻ سامهون آيا آهن.