ميڊرڊ، 8 آگسٽ 2026ع: اسپين غير قانوني لڏپلاڻ جي معاملي تي اٽلي سان جاري سفارتي تڪرار دوران اٽلي کان ايندڙ مسافرن لاءِ عارضي سرحدي جاچ لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
رائٽرز موجب اسپين جي حڪومت چيو آهي ته ڇنڇر جي اڌ رات کان 7 سيپٽمبر تائين اٽلي کان ايندڙ پروازن ۽ سامونڊي جهازن جي مسافرن جي سرحد تي جاچ ڪئي ويندي. ان دوران اطالوي شهرين سميت ٻين ملڪن سان تعلق رکندڙ مسافرن جا پاسپورٽ، قوميت ۽ ويزا چيڪ ڪيا ويندا.اسپين جو چوڻ آهي ته اهو قدم اٽلي طرفان لاڳو ڪيل سرحدي قدمن جي جواب ۾ کنيو ويو آهي. ميڊرڊ موجب اسپين کي اٽلي جي طرفان مسلسل غير قانوني لڏپلاڻ جي دٻاءَ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.ٻئي طرف اٽلي چيو آهي ته هو اسپين جي ڏنل الٽي ميٽم يا مڙهيل حڪمن آڏو نه جهڪندو ۽ گهٽ ۾ گهٽ 15 آگسٽ تائين اسپين کان ايندڙ مسافرن تي سرحدي جاچ جاري رکندو.
اطالوي حڪومت موجب هو پنهنجي فيصلي تي ان وقت نظرثاني ڪندي، جڏهن کيس يقين ٿي ويندو ته سيڪيورٽي يا دهشتگردي جو ڪو خطرو موجود ناهي، لڏپلاڻ جي نئين لهر نه اچي رهي آهي ۽ ڪو به غير قانوني مهاجر يورپي علائقي ڏانهن نه وڌي رهيو آهي.رپورٽن موجب 30 جولاءِ تي اسپين جي اتر آفريقي علائقي سيئوٽا ۾ مراڪش کان وڏي انگ ۾ مهاجرن جي اچڻ کانپوءِ اٽلي سرحدي قدم کنيا هئا. ان معاملي تي ٻنهي يورپي ملڪن وچ ۾ سفارتي ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي.اسپيني اختيارين موجب اڪثر مهاجر رضاڪاراڻي طور مراڪش واپس وڃي چڪا آهن، جڏهن ته سيئوٽا ۾ لڳ ڀڳ 1400 بي سهارا ٻار موجود آهن ۽ علائقي ۾ سرحدي نگراني وڌيڪ سخت ڪئي وئي آهي.
