او آءِ سي جو سعودي عرب، پاڪستان ۽ ترڪي وچ ۾ مڪي دفاعي معاهدي جي آجيان

جده، 8 آگسٽ 2026ع: اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) سعودي عرب، پاڪستان ۽ ترڪي وچ ۾ گڏيل دفاع بابت ’’مڪي معاهدي‘‘ تي صحيحون ٿيڻ جي آجيان ڪئي آهي.او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طهٰ مڪي گڏيل دفاعي معاهدي کي اهم اسٽريٽجڪ قدم قرار ڏيندي چيو آهي ته هي معاهدو ٽنهي ملڪن وچ ۾ علائقائي ۽ عالمي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو عڪاس آهي.
و آءِ سي طرفان ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ سيڪريٽري جنرل چيو ته هي معاهدو خطي ۽ سڄي مسلم دنيا ۾ سلامتي ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ هڪ بنيادي ستون جي حيثيت رکي ٿو.هن چيو ته مڪي معاهدو وڌندڙ سلامتي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن وچ ۾ يڪجهتي جي گڏيل عزم کي ظاهر ڪري ٿو.حسين ابراهيم طهٰ ٽنهي ملڪن جي قيادت ۽ انهن جي مسلسل ڪوششن کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي ته هي معاهدو خطي ۾ امن، خوشحالي ۽ عالمي برادري لاءِ مثبت نتيجا آڻيندو.ٻئي طرف قطر جي اڳوڻي وزيراعظم حمد بن جاسم بن جابر آل ثاني پڻ معاهدي جي آجيان ڪندي ان کي هڪ اهم معاهدو ۽ اميد پيدا ڪندڙ قدم قرار ڏنو آهي