واشنگٽن، 8 آگسٽ 2026ع: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا کي وائيٽ هائوس ۾ نئين تعميراتي منصوبي جي معاملي تي هڪ ٻيو عدالتي ڌچڪو لڳو آهي. آمريڪا جي هڪ وفاقي اپيل عدالت جمعي ڏينهن ٽرمپ انتظاميا کي وائيٽ هائوس جي ڊاهي پٽ ڪيل ايسٽ ونگ جي جاءِ تي 400 ملين ڊالرن جي لاڳت سان تعمير ٿيندڙ بال روم جو ڪم روڪڻ جو حڪم ڏنو آهي.
اشنگٽن ڊي سي سرڪٽ ڪورٽ آف اپيلز 2-1 جي اڪثريت سان فيصلو ٻڌائيندي وائيٽ هائوس ۾ نئين بال روم جي تعمير کي غير قانوني قرار ڏنو.عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته هر آمريڪي صدر وائيٽ هائوس جو عارضي رهواسي هوندو آهي، مالڪ نه، ۽ هو ڪانگريس جي منظوري کانسواءِ عمارت جي بنيادي نوعيت ۾ تبديلي نٿو ڪري سگهي.ٽرمپ جو سخت ردعملعدالتي فيصلي تي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سخت ردعمل جو اظهار ڪندي ان کي قومي سطح تي شرمندگي قرار ڏنو.ٽرمپ جو چوڻ آهي ته وائيٽ هائوس جي مرمت ۽ سيڪيورٽي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ نئين منصوبي جي سخت ضرورت آهي ۽ کيس اهي قدم کڻڻ جو حق حاصل آهي.آمريڪي صدر موجب منصوبي ۾ وائيٽ هائوس جي سيڪيورٽي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ سان گڏ ڇت تي هڪ وڏي ڊرون پورٽ جي تعمير پڻ شامل آهي.
