سيڪيورٽي فورسز بلوچستان ۾ ڪامياب ڪارروائي ڪندي فتنۃ الھندستان جي اهم سرغنه وزير ولد جمال سميت 5 دهشتگردن کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
ذريعن موجب آپريشن ردالفتنہ ٿري تحت پنجگور جي علائقن سرڪيني ۽ ڇيدگي ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو ويو. ڪارروائي دوران 5 دهشتگرد مارجي ويا.سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته آپريشن دوران دهشتگردن جي قبضي مان 4 موٽرسائيڪلون، مشين گنون، ڳرو هٿيار ۽ وڏي مقدار ۾ گولا بارود پڻ هٿ ڪيو ويو.ذريعن موجب مارجي ويل دهشتگرد پنجگور ۾ مقامي واپارين ۽ ٻين شهرين کان ڦرلٽ، ڀتو خوري، اغوا ۽ دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث هئا.علائقي ۾ فتنۃ الھندستان سان لاڳاپيل ٻين ممڪن دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. سيڪيورٽي فورسز بلوچستان مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو آهي.
