راولپنڊي، 8 آگسٽ 2026ع: ميجر طفيل محمد شهيد نشانِ حيدر جو 68هون يومِ شهادت اڄ عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي. صدر مملڪت آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف ۽ ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن شهيد کي شاندار خراجِ عقيدت پيش ڪيو.تحصيل بوريوالا ۾ ميجر طفيل محمد شهيد جي يادگار تي پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي، جتي پاڪ فوج جي چاق و چوبند دستي سلامي پيش ڪئي ۽ مزار تي گلن جي چادر چاڙهي وئي. شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ قرآن خواني ۽ خاص دعائن جو پڻ اهتمام ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، نيوي چيف ايڊمرل نويد اشرف ۽ ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سدھو ميجر طفيل محمد شهيد کي شاندار خراجِ عقيدت پيش ڪيو.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ميجر طفيل محمد شهيد جي بهادري، فرض شناسي ۽ عظيم قرباني سڄي قوم لاءِ مشعلِ راهه آهي، جڏهن ته وطن جي دفاع لاءِ جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ شهيدن جون قربانيون هميشه ياد رکيون وينديون.
صدر مملڪت آصف علي زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ميجر طفيل محمد شهيد وطن جي دفاع جي تاريخ ۾ هڪ سنهري باب رقم ڪيو.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ميجر طفيل محمد شهيد جي قرباني ۽ بهادري سڄي قوم لاءِ فخر جو سبب ۽ ايندڙ نسلن لاءِ روشن مثال آهي.
ميجر طفيل محمد شهيد آگسٽ 1958ع ۾ لکشمي پور سيڪٽر ۾ دشمن خلاف ڪارروائي دوران غير معمولي بهادري جو مظاهرو ڪندي وطن جي دفاع لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو.
