مصطفيٰ آباد پوليس ڪارروائي ڪندي پتنگن جي وڏي ترسيل کي ناڪام بڻائي 9 بين الاضلاعي پتنگ ڊيلرن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.پوليس موجب مصطفيٰ آباد ۾ پتنگون تيار ڪندڙ هڪ ڪارخاني تي ڇاپو هنيو ويو، جتان 6 هزار کان وڌيڪ تيار پتنگون ۽ 2 هزار پتنگن جو خام مال هٿ ڪيو ويو.گرفتار جوابدارن ۾ نعمان، زوهيب، اشتياق، اصغر ۽ نديم سميت ٻيا ماڻهو شامل آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ دوران جوابدارن پتنگون تيار ڪري مختلف ضلعن ۾ آن لائن لوڪيشن ذريعي وڪرو ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي.
يس پي ڪينٽ موجب گرفتار جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سندن ٻين فرار ساٿين جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن.پوليس موجب پتنگن جي غير قانوني تياري ۽ ترسيل خلاف ڪارروايون وڌيڪ تيز ڪيون وينديون.
