مصنوعي ذهانت جتي زندگي جي مختلف شعبن ۾ سهولتون پيدا ڪري رهي آهي، اتي ان جو غلط استعمال ڊيپ فيڪ جي صورت ۾ هڪ نئون خطرو بڻجي ويو آهي.
ڊيپ فيڪ ٽيڪنالاجي ذريعي مصنوعي ذهانت جي مدد سان اهڙيون جعلي تصويرون، وڊيوز ۽ آڊيوز تيار ڪري سگهجن ٿيون، جيڪي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ ۾ بلڪل حقيقي محسوس ٿين ٿيون. هن ٽيڪنالاجي ۾ ڪنهن شخص جي چهري، آواز، حرڪتن ۽ ڳالهائڻ جي انداز جي نقل ڪري جعلي مواد تيار ڪيو ويندو آهي.
ماهرن موجب ڊيپ فيڪ ۾ جنريٽو اي آءِ ۽ ڊيپ لرننگ ٽيڪنالاجي ذريعي حقيقي تصويرن، وڊيوز ۽ آوازن مان نمونا سکي نئون مواد تيار ڪيو ويندو آهي، جنهن سبب عام صارف لاءِ حقيقي ۽ جعلي مواد ۾ فرق ڪرڻ ڏکيو ٿي سگهي ٿو.
ڊيپ فيڪ رڳو تصويرن ۽ وڊيوز تائين محدود ناهي، پر آواز به مصنوعي طريقي سان تيار ڪري سگهجي ٿو، جنهن کي وائس ڪلوننگ يا ڊيپ فيڪ آڊيو چيو وڃي ٿو.
اي آءِ ڪنهن شخص جي آواز جي مختصر نموني مان ان جي لهجي ۽ ڳالهائڻ جي انداز جي نقل ڪندي انتهائي مشابه آواز تيار ڪري سگهي ٿي.
ماهرن موجب جعل ساز هن ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪري ڪنهن مائٽ، دوست، آفيسر يا بينڪ نمائندي جي جعلي آواز ذريعي ماڻهن کان رقم يا حساس معلومات حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهن ٿا.
ماهرن شهرين کي صلاح ڏني آهي ته ڪنهن به شڪي وڊيو، آڊيو يا فون ڪال تي فوري طور يقين ڪرڻ بدران معلومات جي ٻين ذريعن کان تصديق ضرور ڪن.
