نادرا جو جعلي ٽريڪنگ آءِ ڊي بابت عوام کي خبردار

اسلام آباد: نيشنل ڊيٽابيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) سوشل ميڊيا تي جعلي ٽريڪنگ آءِ ڊيز ۽ گمراهه ڪندڙ معلومات بابت شهرين کي خبردار ڪري ڇڏيو آهي.نادرا جي ترجمان موجب شهرين جي ذاتي معلومات جي تحفظ لاءِ سوشل ميڊيا ڪمنٽس ذريعي ٽريڪنگ آءِ ڊي فراهم نه ڪئي ويندي. شهرين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته نادرا جي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي ڪمنٽس ۾ پنهنجي ٽريڪنگ آءِ ڊي هرگز شيئر نه ڪن.نادرا شهرين کي چيو آهي ته ڪنهن به معاملي بابت رڳو سرڪاري ذريعن ۽ تصديق ٿيل سوشل ميڊيا پليٽ فارمن سان رابطو ڪن ۽ غير تصديق ٿيل لنڪس، اڪائونٽس ۽ پيغامن تي ڀروسو نه ڪن.ترجمان موجب ٽريڪنگ آءِ ڊي بابت معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ شهري 8400 تي ايس ايم ايس، نادرا هيلپ لائن 051-111-786-100 يا موبائل فون تان 1777 تي رابطو ڪري سگهن ٿا. شهري پاڪ آءِ ڊي موبائل ايپ پڻ استعمال ڪري سگهن ٿا.نادرا شهرين کي پنهنجي سڃاڻپ ۽ ذاتي معلومات جي تحفظ لاءِ سوشل ميڊيا تي حساس معلومات شيئر نه ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي.