اڄڪلهه سائبر فراڊ جا واقعا وڌي رهيا آهن، جڏهن ته جعلساز مختلف بهانن، لالچن ۽ جعلي پيغامن ذريعي شهرين کي دوکو ڏئي رهيا آهن. اهڙي ئي هڪ فراڊ ۾ سم ڪارڊ جي نالي تي شهرين کان بايوميٽرڪ معلومات حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي.پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) شهرين کي خبردار ڪندي چيو آهي ته هو پنهنجي بايوميٽرڪ معلومات جي غلط استعمال کان پاڻ کي محفوظ رکن.پي ٽي اي هدايت ڪئي آهي ته موبائل فون جي سم هميشه موبائل ڪمپني جي مجاز فرنچائز يا ڪسٽمر سروس سينٽر تان حاصل ڪئي وڃي. بايوميٽرڪ تصديق کانپوءِ شهرين کي يقيني بڻائڻ گهرجي ته سندن سامهون ساڳي سم فعال ڪئي وئي آهي.
پي ٽي اي شهرين کي وڌيڪ خبردار ڪيو آهي ته مفت منٽن، ڊيٽا يا بيلنس جي لالچ ۾ اچي ڪنهن به اهڙي آڇ تي يقين نه ڪن، جنهن ۾ سم ڪارڊ بعد ۾ استعمال ڪرڻ جو چيو وڃي. شهرين کي پنهنجي سڃاڻپ ۽ بايوميٽرڪ معلومات جي حفاظت لاءِ احتياط ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
