اسلام آباد: سرڪاري ملازمن جي پينشن نظام ۾ تبديلي کانپوءِ نئين نظام تي عملدرآمد شروع ڪيو ويو آهي.
وفاقي حڪومت ڊيفائنڊ ڪنٽريبيوشن پينشن فنڊ اسڪيم 2024 تي عملدرآمد جو فيصلو ڪندي اسڪيم جا ضابطا پڻ جاري ڪري ڇڏيا آهن.
وفاقي حڪومت سمورن ڊويزنن، وزارتن ۽ کاتن کي پينشن فنڊ اسڪيم تي عملدرآمد جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته اسڪيم ۾ شامل ٿيندڙ ملازمن جي فهرست تيار ڪرڻ پڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي.وزارتن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ملازمن جو ڊيٽا ۽ لاڳاپيل دستاويز 15 ڏينهن اندر اي جي پي آر کان اپڊيٽ ڪرايا وڃن. هر وزارت ۽ ڊويزن کي گريڊ 17 يا ان کان مٿي جي آفيسر کي فوڪل پرسن مقرر ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي وئي آهي.فوڪل پرسن پينشن فنڊ اسڪيم سان لاڳاپيل سمورن معاملن جي نگراني ڪندو، جڏهن ته وزارتن ۽ ڊويزنن کي اسڪيم تي عملدرآمد لاءِ لاڳاپيل آفيسر ۽ شعبا مقرر ڪرڻ جو چيو ويو آهي.وزارت خزانه جي ايڇ آر ونگ کي اسڪيم تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي ذميواري ڏني وئي آهي، جڏهن ته ڪنٽرولر جنرل اڪائونٽس کي اي جي پي آر سان گڏجي ملازمن جو جامع ڊيٽا تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
پينشن فنڊ اسڪيم تحت ملازمن جو ڊيٽا وزارت، ڊويزن، کاتي ۽ گريڊ جي حساب سان مرتب ڪيو ويندو. وزارت خزانه سمورن لاڳاپيل ادارن کي اسڪيم تي بروقت عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي.
