اسلام آباد: پاڪستان ۾ مهانگائي جي رفتار ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي، ۽ سرڪاري انگن اکرن مطابق آگسٽ جي مهيني ۾ مهانگائي جي شرح 11 اعشاریه 2 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. عام واهپي جي شين جون قيمتون آسمان سان پيون گالھائين، جنهن ڪري پورهيت ۽ وچولو طبقو سخت پريشاني جو شڪار ٿي ويو آهي.
اداري شماريات پاران جاري ڪيل رپورٽ موجب گذريل مهيني دوران کاڌي پ��تي جي شين جي اگهن ۾الن پيل واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. خاص طور تي سبزين ۽ ٻين ضروري جنسن جا اگهه عام ماڻهوءَ جي پهچ کان ٻاهر ٿي ويا آهن، جنهن سبب گهرو بجٽ مڪمل طور درهم برهم ٿي وئي آهي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مهانگائي جي هن طوفان ۾ ٽماٽر 128 سيڪڙو، پياز 125 سيڪڙو ۽ ڪڻڪ 87 سيڪڙو تائين مهانگي ٿي چڪي آهي. شهري حلقن ۽ معاشي ماهرن حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته مهانگائي تي ضابطو آڻڻ لاءِ فوري طور تي اثرائتا قدم کنيا وڃن.
