آن لائن فراڊ ڪال سينٽر خلاف وڏو ڪريڪ ڊائون، 28 جوابدار گرفتار

ڪراچي/اسلام آباد: ملڪ اندر آن لائن فراڊ ۽ غيرقانوني سرگرمين ۾ ملوث ڪال سينٽرن خلاف وڏو آپريشن ڪندي قانون نافذ ڪندڙ ادارن 28 مبينه جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. اختيارين موجب هي گروهه مختلف شهرين کي چيتو ڪمائڻ ۽ جعلي اسڪيمن ذريعي لکين رپين کان محروم ڪري رهيو هو، جنهن جي شڪايت مسلسل ملي رهي هئي.

ڪارروائي دوران ڪال سينٽر مان ڪيترائي ڪمپيوٽر، موبائيل فون، سم ڪارڊ ۽ ٻيو اليڪٽرانڪ سامان هٿ ڪيو ويو آهي، جنهن کي فرانزڪ جاچ لاءِ موڪليو پيو وڃي. شروعاتي جاچ مان اهو پتو پيو آهي ته هي نيٽ ورڪ بين الاقوامي سطح تي پڻ پنهنجا هٿ پير ئڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ۽ پرڏيهي شهرين کي پڻ پنهنجو شڪار بڻائيندو هو.

حومت ۽ لاڳاپيل ادارن واضح ڪيو آهي ته سائبر ڪرائم ۽ عوام کي ڦريندڙ اهڙن مافيا خلاف ڪريڪ ڊائون وڌيڪ تيز ڪيو ويندو ته جيئن عام ماڻهن جي ملڪيت ۽ ذاتي معلومات جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي. گرفتار ڪيل جوابدارن خلاف عدالت ۾ سخت قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.