آئين جي بالادستي ۽ عملي سياست جو تضاد چيف جسٽس جو اھم موقف

اسلام آباد آئين جي حڪمراني جو تصور رڳو عدالتن جي فيصلن يا سرڪاري بيانن تائين محدود نھ ھجڻ گھرجي، پر رياست جي ھر اداري ۽ اختيار جي ھر استعمال ۾ ان جي بالادستي واضح طور تي نظر اچڻ گھرجي. وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس امين الدين خان پڻ تازو اھو ئي واضح موقف ظاھر ڪيو آھي تھ آئين کي ھر حال ۾ مقدّم رکڻ گھرجي. ملڪي ياست ۾ جتي ھڪ طرف آئين جي بالادستي جون دعويون ڪيون وڃن ٿيون، اتي عملي سياست ۾ ان جي ابتڙ رويجا پڻ سامھون اچن ٿا، جيڪي رياستي نظام ۽ عوام لاءِ سخت پريشاني جوڳي صورتحال پيدا ڪري رھيا آھن.

تاريخ شاھد آھي تھ جڏھن بھ آئين ۽ قانون کي پٺڀرائي ڏئي ذاتي يا گروھي مفادن کي ترجيح ڏني وئي آھي، تڏھن ملڪي معيشت، سياست ۽ عدالتي نظام کي رو نقصان پھتو آھي. اڄ ضرورت ان ڳالھ جي آھي تھ س سي پارٽيون، پارليامينٽ ۽ عدليھ سميت سڀئي اھم ادارو پنھنجي آئيني دائري اندر رھندي فرض انجام ڏين. رڳو لفظن جي حد تائين آئين جي حڪمراني جون ڳالھيون ڪرڻ سان عوام جا مسئلا حل نھ ٿيندا، پر ان لاءِ عملي قدم کڻڻ ضروري آھن تھ جيئن جمھوري قدرن کي پختو ڪري سگھجي.

ماھرن جو چوڻ آھي تھ ملڪ اندر سياسي استحڪام تستائين ممڪن ناھ جستائين سياسي قيادتون ذاتي ضد ۽ ھٺڌرمي کي ڇڏي ڪري رف ۽ صرف آئين ۽ قانون جي بالادستي کي پنھنجو پھريون ۽ آخري مقصد نھ بڻائينديون. عوام کي رليف ڏيڻ ۽ ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ جو واحد رستو اھو ئي آھي تھ رياست جو ھر ستون پنھنجي آئيني اختيارن جو احترام ڪري ۽ قانون جي حڪمراني کي يقيني بڻائي، جنھن سان ملڪ کي اڳتي وڌائڻ ۾ مدد ملندي.