اسلام آباد وفاقي وزير توانائي اويس لغاري چيو آھي تھ حڪومت ھاڻي پاڻ بجلي نھ خريد ڪندي، جنھن کانپوءِ ھاڻي عام واھپروب پڻ پنھنجي مرضي ۽ گھربل ذريعن تان سڌو سنئون بجلي خريد ڪرڻ جي صلاحيت رکندو. وفاقي وزير پاران ھن اھم ۽ انقلابي قدم جو مقصد ملڪ اندر پاور سيڪٽر کي وڌيڪ شفاف، مقابلي واري ۽ صارف دست بڻائڻ آھي، جنھن سان ايندڙ ڏينھن ۾ بجلي جي قيمتن ۾ گھٽتائي اچڻ جو پڻ امڪان ظاھر ڪيو پيو وڃي.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان خاص ڳالھ ٻولھ ڪندي وفاقي وزير توانائي اويس لغاري وڌيڪ تفصيل ڏيندي ٻڌايو تھ توانائي جي شعبي ۾ مسابقتي مارڪيٽ جو قيام وقت جي أھم ضرورت آھي. ھن چيو تھ اڳوڻي روايتي ۽ مرڪزي سسٽم تحت حڪومت ئي سڀني پاور پلانٽس کان بجلي خريد ڪندي ھئي، پر ھاڻي مارڪيٽ کي کليل مقابلي لاءِ آزاد ڪيو پيو وڃي. ھن نئين جوڙجڪ ۽ ترقي يافتھ ڍانچي تحت، صارفين کي اھو اختيار ھوندو تھ اھي پنھنجي ضرورت ۽ بجيٽ مطابق سستي کان سستي بجلي فراھم ڪندڙ ڪمپني يا ذريعن جي چونڊ ڪن.
وفاقي وزير جو چوڻ ھو تھ ھن اصلاحاتي قدم سان نھ رڳو انرجي سيڪٽر جا پراڻا مسئلا حل ٿيندا، پر بجلي چوري، اوور بلنگ ۽ نان پروفيسر مئنيجمينٽ جي رسمن جو پڻ خاتمو ٿيندو. حڪومت جو اھو پختو اراد آھي تھ معاشي سڌارن جي ھن عمل کي جلد کان جلد پورو ڪري عوام کي سڌو سنئون رليف پھچايو وڃي. مارڪيٽ جي کليل ھجڻ سان مختلف پرائيويٽ ڪمپنيون ميدان ۾ اينديون، جنھن جي نتيجي ۾ بجلي جي معيار ۽ اگھن ۾ صحتمند مقابلو شروع ٿيندو.
