کيوبا ۾ ايندھن جي شديد کوٽ سبب ملڪ گير بليڪ آئوٽ

ھوانا ڪوبا ۾ ايندھن جي شديد کوٽ ۽ تيل جي فراھمي تي آمريڪي پابندين جي منفي اثرن سبب بجلي جو نظام مڪمل طور تي درھم برھم ٿي ويو آھي، جنھن جي نتيجي ۾ سمورو ملڪ اونداھي ۾ ٻڏي ويو . پرڏيھي ميڊيا رپورٽن موجب، ڪوبا کي رواں سال جي شروعات کان وٺي ھاڻ تائين ڇھين ڀيري سخت ترين ملڪ گير بليڪ آئوٽ جو منھن ڏسڻ پيو آھي، جنھن سبب عوام سخت ترين پرندن ۽ مشڪلاتن کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي.

رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آھي تھ ڪوبا جي توانائي واري وزارت طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب ملڪ اندر ھلندڙ حرارتي بجلي گھرن کي ھلائڻ لاءِ گھربل ايندھن جو مقدار موجود نھ. آمريڪا پاران لاڳو ڪيل سخت پابندين جي ڪري تيل جا بحري جھاز وقت سر بندرگاھن تي پھچڻ کان قاصر آھن، جنھن جي ڪري بجلي جي پيداوار مڪمل طور تي بند ٿي چڪي آھي. صحت، پاڻي جي فراھمي ۽ ھنگامي خدمتن سميت سڀئي اھم شعلا مفلوج ٿي ويا آھن.

حاڪم وقت ملڪ اندر ايمرجنسي جھڙي صورتحال پيدا ٿي چڪي آھي ۽ حڪومتي ادارن پاران بجلي جي بحالي لاءِ ھنگامي بنيادن تي ڪم ڪيو پيو وڃي. ھو ترين شعبن جي ڪمن کي جاري رکڻ لاءِ جنريٽرن جو سھارو ورتو پيو وڃي، پر ايندھن جي اڻھوند سبب اھا ڪوشش پڻ ڪا خاص ڪامياب نظر نٿي اچي. عالمي برادري کي اپيل ڪئي وئي آھي تھ ھن انساني بحران جي موقعي تي ڪوبا جي مدد ڪئي وڃي.