ڪراچي ملڪي سياست ۽ انتظامي معاملن تي نظر رکندڙ حلقن جو چوڻ آھي تھ ڪرسي نشين سياستدان ھجن يا اعليٰ آفيسر، اھي اڪثر ڪري اھڙين عجيب مصروفيتن ۾ ورتل ھوندا آھن، جن جو زميني حقيقتن سان ڪو بھ واسطو نٿو ھجي. اھي اھڙا مصروف سياستدان آھن جو نھ تھ عام ماڻھن جا فون کڻڻ لاءِ وقت رکندا آھن ۽ نھ ئي عوام سان سڌي ريت ملڻ جي زحمت ڪندا آھن. عوام جي ووٽن سان اقتدار جي ايوانن تائين پھچندڙ اھي حڪمران عام ماڻھن کان اھڙا تھ پري ٿي ويندا آھن جو عوام کي اھو ئي محسوس ٿيندو آھي تھ اھي ڪنھن ٻئي دنيا جا رھواسي آھن حيدرآباد سياسي تجزيھ نگارن موجب، حڪمرانن جو اھو رويو نھ صرف غير جمھوري آھي پر اھو عوام ۾ سخت مايوسي ۽ بيچيني پڻ پيدا ڪري رھيو آھي. عوامي سطح تي اھي سوال اٿاريا پيا وڃن تھ اھي ڪھڙيون مصروفيتون آھن، جن جي ڪري حڪمران عوام کان ڪٽجي ويا آھن. جڏھن بھ عوام پنھنجن چونڊيل نمائندن کان پنھنجن تڪن جا مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ رابطو ڪندو آھي، تھ کين ھميشھ مايوسيءَ جو منھن ڏسڻو پوندو آھي. حڪمرانن جا دروازي ھميشھ عام ماڻھن لاءِ بند رھن ٿا، جيڪو پارلياماني جمھوريت جي روح جي مڪمل طور تي ابتڙ عمل آھي.
سکرحڪمرانن جو اھو رويو آخرڪار کين ئي مھانگو پجي سگھي ٿو، ڇاڪاڻ تھ تاريخ گواھ آھي تھ جيڪي حڪمران عوام کان منھن موڙيندا آھن، عوام پڻ وقت اچڻ تي انھن کان منھن موڙي وٺندو آھي. ضرورت ان ڳالھھ جي آھي تھ حڪمران ۽ بيوروڪريسي پنھنجو اھو شاھانا ۽ غرور وارو انداز ختم ڪري، عوام سان سڌو رابطو بحال ڪن ۽ عوامي مسئلن کي اوليت جي بنياد تي حل ڪن. جيڪڏھن موجودھ حڪمرانن پنھنجو ھي رويو نھ بدلايو تھ ايندڙ وقت ۾ عوام جو سياستدانن مٿان رھيل بچيو خشڪ اعتمادي پڻ مڪمل طور تي ختم ٿي ويندي.
