سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو آهي ته 22 مهينن ۾ ڪيترائي ڀيرا عهدي تان هٽائڻ جون ڳالهيون ڪيون ويون پر مان اهڙين ڳالهين تي ڌيان ناهيان ڏيندو پر وڌيڪ بهتر منصوبا شروع ڪري ڇڏيندو آهيان. پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو ته هينئر تائين هڪ روپيو به پگهار ناهي ورتي، گهر ڀاتين جا خرچ به پاڻ برداشت ڪندو آهيان. هن چيو ته ڪار ساز روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويل پيءُ ۽ ڌيءَ جي وارثن سان گڏ آهيان انهن کي وڪيل ڏيڻ جي آڇ به ڪئي آهي، ساڻن انصاف ڪيو ويندو. پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ جي گورنر چيو ته حيدرآباد جي آءِ ٽي ٽيسٽ ۾ 90 هزار مان 54 هزار ٻار پاس ٿي ويا آهن، ايندڙ ٽيسٽ سکر ۾ ڪنداسين. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ به سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري کي عهدي تان هٽائي ان جي جڳهه پاڪستان مسلم ليگ(ن) سنڌ جي صدر بشير ميمڻ کي گورنر مقرر ڪرڻ جون افواهون هلي رهيون هيون.