24 ساله اقتدار جي خاتمي تي شامي صدر بشارالاسد ملڪ مان فرار، باغين جي دمشق تي قبضي جي دعويٰ

شامي صدر بشارالاسد جو 24 ساله اقتدار ختم ٿي ويو، شامي باغين گادي واري شهر  دمشق ۾ داخل ٿيڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب شامي صدر بشارالاسد دمشق ڇڏي نامعلوم هنڌ منتقل ٿي ويو، بشارالاسد جا صدارتي محافظ به ان جي معمول واري رهائشگاهه تي مقرر نه آهن جنهن سبب  شهر ۾ اهي ڳالهيون هلي رهيون آهن بشارالاسد فرار ٿي چڪو آهي. پرڏيهي ميڊيا طرفان دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته شامي  ويڙهاڪن شام جي شهر حمص تي مڪمل ڪنٽرول جو اعلان ڪيو آهي جڏهن ته سينٽرل جيل تي قبضو ڪري 3500 قيدين کي به آزاد ڪري ڇڏيو. باغين صدر بشارالاسد جا پورٽريٽ به ڦاڙي ڇڏيا جڏهن ته بشارالاسد جي والد جو مجسمو به ڪيرائي ڇڏيو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب شامي ويڙهاڪن ديرالزور جو ڪنٽرول سڀالي پنهنجو جهنڊو ڦڙڪائي ڇڏيو ۽ صدر بشارالاسد جي فوج کي شهر ڇڏڻ تي مجبور ڪيو. ڪيترن ئي فوجين ۽ سرڪاري آفيسرن عراق ۾ پناهه وٺي ڇڏي. ٻئي طرف ويڙهاڪ اڳواڻ محمدالجولاني چيو آهي ته شام ۾ تازي بغاوت جو مقصد بشارالاسد جي حڪومت کي ڪيرائڻ آهي، شامي حڪومت جو خاتمو  ويجهو ٿي چڪو آهي، هٿيار ڦٽا ڪندڙ سرڪاري فوجين کي عام معافي ڏني ويندي.