24 ڪلاڪ گذري وڃڻ باوجود نوجوان صديق سومرو(عرف سڳو)اڃان تائين گم سندس جو وارثن سان رابطو نه ٿي سگھيو نوجوان جا گھر ڀاتي سخت پريشاني ۾مبتلا ٿي ويا ھنن ريلوي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي تہ نوجوان جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي جڏھن تہ ڪنڌرا واسي نوجوان حادثي جو شڪار ٿيل بدنصيب ٽرين ھزارہ ايڪسپريس ۾ ٽنڊوآدم ريلوي اسٽيشنن کان ڪنڌرا واري گھر اچڻ لاء ٻارن ٻچن سميت جن ۾ گھرواري،ڀاڻيجي، ۽ ڀيڻيئي سميت ٻين سان گڏ روھڙي اسٽيشن لاء سوار ٿيو ھو پر ھزارہ ايڪسپريس روھڙي پھچڻ کان اڳ ئي حادثي جو شڪار ٿي وئي جڏھن تہ ساڻس گڏ سفر ڪندڙ سندس ٻيا گھر ڀاتي ھن وقت بلڪل خيريت سان محفوظ آھن جيڪي ھينئر ٽنڊو آدم شھر واپس پھتل آھن