تفصيل موجب ڪنڌڪوٽ لڳ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد انڊس هاءِ وي ڪنڌڪوٽ ٺل روڊ وٽ 25 ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل مغوي زورڳره واسي نوجوان مزدا ڪلينئر در محمد گولو بازياب ڪشمور پوليس پاران بازياب ڪرائڻ جي دعوا ڪشمور پوليس پاران ڪشمور ضلعي ۾ مسلسل مغوين جي بازيابي لاءِ مختلف ٿاڻن جي پوليس نفري ڪچي واري علائقن ۾ آپريشن هلندڙ هو آپريشن جي دوران مغوي کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل ڪري رهيا هئا ته بروقت اطلاع تي پوليس جي نفري دراني مهر ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ۾ پوليس سرچ آپريشن ڪيو ويو ڏوهارين مغوي کي ٻئي هنڌ منتقل ڪري رهيا هئا ته پوليس کي ڏسندي ئي ڏوهارين فائرنگ ڪري ڏني پوليس جي جوابي فائرنگ جي ڏي وٺ دوران مغوي کي ڇڏي اونداهي جو فائدو وٺي فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا آهن اهڙي طرح مغوي در محمد گولو کي بازياب ڪرائي ورتو هوڏانهن ذريعن مطابق ته مغوي در محمد گولو ڀنگ ذريعي واپس ٿيو آهي ڪو به پوليس مقابلو نه ٿيو آهي رابطي ڪرڻ تي ايس ايس پي ڪشمور بشير احمد بروهي چيو آهي ته مغوين جي بازيابي لاءِ سرچ آپريشن هلندڙ آهي مغوي کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل ڪري رهيا هئا ته بروقت پوليس پهچي مغوي کي بازياب ڪرائي ورتو آهي جلد ٻين مغوين کي بازياب ڪرائي ويندو