26 نومبر احتجاج: بشريٰ بي بي کي 4 ڪيسن ۾ عبوري ريليف ملي ويو

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽس اسلام اباد پي ٽي آءِ جي 26 نومبر جي احتجاج بابت ڪيسز ۾ نامزد عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي جي عبوري ضمانت ۾ 13 جنوري تائين واڌ ڪري ڇڏي.پي ٽي آءِ جي 26 نومبر جي احتجاج تي بشريٰ بي بي جي خلاف داخل ڪيسز ۾ عبوري ضمانتن جي درخواستن تي ٻڌڻي ڊيوٽي جج شبير ڀٽي ڪئي.  بشريٰ بي بي جي خلاف ترنول ٿاڻي ۾ هڪ ۽ 3 ڪيس رمنا ٿاڻي ۾ داخل  ٿيل آهن. بشريٰ بي بي پنهنجي وڪيلن سان گڏ عدالت جي ڪمري ۾ پيش ٿي. عدالت بشريٰ بي بي جي عبوري ضمانت 13 جنوري تائين منظور ڪري ورتي.ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽس اسلام آباد 50-50 هزار روپين جي مچلڪن عيوض بشريٰ بي بي جي ضمانت منظور ڪئي.