41 ملڪ عيد جو چنڊ ڏسڻ لاءِ سعودي عرب جڏهن ته 14 ترڪيه جي پيروي ڪندا آهن دنيا جي 190 ڪروڙ کان وڌيڪ مسلمانن جي لاءِ پنهنجي مذهبي تهوارن خاص طور تي عيدن جي لاءِ قمري مهينن جي چونڊ ڪرڻ انتهائي اهم آهي اهوئي سبب آهي ته 50 کان وڌيڪ مسلم اڪثريتي ملڪن کان علاوه سڄي دنيا ۾ پکڙيل مسلمان ان حوالي سان مرڪز اسلامي، سعودي عرب، ماضي ۾ مسلمانن جي سياسي مرڪز، ترڪيه يا پنهنجي رياستي ادارن ذريعي چنڊ جي رويت جي نظام سان جڙيل آهن رپورٽ موجب پاڪستان، ڀارت، ايران، برطانيه، عمان سميت 30 ملڪن ۾ رويت هلال جو مقامي نظام موجود آهي. افغانستان، لبنان، جاپان، اٽلي، رشيا سميت 41 ملڪ اسلامي قمري مهينن جي تعين يا عيد جي چنڊ جي حوالي سان سعودي عرب جي پيروي ڪندا آهن پاڪستان، بنگلاديش، ڀارت، سريلنڪا، برطانيه سميت 30 ملڪن ۾ چنڊ ڏسڻ جو مقامي نظام موجود آهي، 14 ملڪ ترڪيه موجب قمري مهينا طئي ڪندا آهن انڊونيشيا، لبيا، ملائيشيا، نائيجيريا، ٿائيلينڊ ۾ سرڪاري طور تي قمري مهينن جو اعلان ڪيو ويندو آهي جڏهن ته چين جي مسلمانن ملائيشيا ۽ ڪولمبيا جي چلي موجب قمري مهينن جو تعين ڪندا آهن. نيوزيلينڊ ۾ مقامي طور تي چنڊ ڏٺو ويندو آهي يا پوءِ آسٽريليا جي پيروي ڪئي ويندي آهي.