46 ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل ٽي مغوي سهرياڻي برادري نوجوان بازياب ڪشمور پوليس پاران بازياب ڪرائڻ جي دعوا مغوي ڀنگ ڀري آزاد ٿي آيو آهي ذريعا مغوي جي گهر ۾ عيد جهيڙي خوشيون بڻيل

تفصيل موجب ڪنڌڪوٽ لڳ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد انڊس هاءِ وي ڪنڌڪوٽ ٺل روڊ وٽ 46 اڳ اغوا ٿي ويل سهرياڻي برادري جا 3 نوجوان بازياب ڪشمور پوليس پاران بازياب ڪرائڻ جي دعوا ڪشمور پوليس پاران ڪشمور ضلعي ۾ مسلسل مغوين جي بازيابي لاءِ مختلف ٿاڻن جي پوليس نفري ڪچي واري علائقن ۾ آپريشن هلندڙ هو آپريشن جي دوران مغوي کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل ڪري رهيا هئا ته بروقت اطلاع تي پوليس جي نفري دراني مهر ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ۾ پوليس سرچ آپريشن ڪيو ويو ڏوهارين مغوي کي ٻئي هنڌ منتقل ڪري رهيا هئا ته پوليس کي ڏسندي ئي ڏوهارين فائرنگ ڪري ڏني پوليس جي جوابي فائرنگ جي ڏي وٺ دوران مغوي کي ڇڏي اونداهي جو فائدو وٺي فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا آهن اهڙي طرح مغوي کي بازياب ڪرائي ورتو هوڏانهن ذريعن مطابق ته مغوي ڀنگ ذريعي واپس ٿيو آهي ڪو به پوليس مقابلو نه ٿيو آهي رابطي ڪرڻ تي ايس ايس پي ڪشمور بشير احمد بروهي چيو آهي ته مغوين جي بازيابي لاءِ سرچ آپريشن هلندڙ آهي مغوي کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل ڪري رهيا هئا ته بروقت پوليس پهچي مغوي کي بازياب ڪرائي ورتو آهي جلد ٻين مغوين کي بازياب ڪرائي ويندو