اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ڪوبه اهي ٽيڪسز برداشت نٿو ڪري سگهي، جيڪي نوڪريون ڪري رهيا آهن اهي به نوڪريون ڇڏي ويندا، 50 سيڪڙو ٽيڪسز ڪير به نه ڏيندو. هڪ انٽرويو ۾ هن سڄي ملڪ ۾ نيون چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته حڪومت مينڊيٽ نه رکندي هجي ته نئين سري سان چونڊن کان علاوه ٻيو ڪهڙو حل رهجي وڃي ٿو. نئين چونڊن کان اڳ سياسي مفاهمت ضروري آهي شاهد خاقان عباسي چيو ته حد کان وڌيڪ ٽيڪسز جو ٽيسٽ وڌائينداسين ته ماڻهو نه ڏيندا پاڪستان جي عوام هاڻ ٽيڪس جو بار برداشت نٿي ڪري سگهي جيڪڏهن حڪومت ٽيڪس وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪوبه اهو ٽيڪسز برداشت نٿو ڪري سگهي هن چيو ته جيڪي نوڪريون ڪري رهيا آهن اهي ڇڏي ويندا، ٽيڪس ريٽ ڪرائي ڇڏيو، 15 سيڪڙو ٽيڪس رکندو ته عوام ڏيندو. برآمدات تي وڌيڪ ٽيڪس لڳايو پيو وڃي. اڳ ئي سڀ ڪجهه مهانگو آهي، بجلي، گيس ۽ زمين آهي انهي تي به وڌيڪ ٽيڪس لڳايو ويو آهي. اڳوڻي ليگي اڳواڻ چيو ته پارليامينٽ ۾ ويٺل ماڻهن جي اڪثريت 50 سيڪڙو ٽيڪس نيٽ ۾ اچي ٿي ڇا اهي ٽيڪس ڏيندا آهن؟ جيڪڏهن حڪومت مينڊيت نه رکندي هجي ته نئين سري سان چونڊن کان علاوه ٻيو ڪهڙو حل رهجي وڃي ٿو. هن چيو ته حڪومتي بدانتظامي سبب گذريل سال جيڪو 7 هزار بجلي جو بل هو اهو هاڻ 17 هزار ٿي ويو آهي. ويهه ادارن جي ڊگهي لسٽ آهي ختم ڪئي وڃي، جڳاڙ ڪيستائين هلندو رهندو. اصلاحات نه ڪنداسين ته نٿا هلي سگهون. اسان جو قرض جي پئسي تي گذارو ٿي رهيو آهي هاڻ ته اها گنجائش به ختم ٿي وئي آهي.