7 سيپٽمبر پاڪستان جي دفاع جو يادگار تاريخي ڏينهن آهي جڏهن پاڪستان تي حملي دوران ڀارت جا 31 جنگي جهاز ڪيرايا ويا ۽ تباهه ٿيل جهازن جو ڪل انگ 53 ٿي ويو هي اهو ڏينهن هو جڏهن ڀارت پاڪستان کي جنگ جو دائرو اوڀر پاڪستان تائين وڌائڻ جي ڌمڪي ڏني هئي، پر ڀارتي ترجمان کي اهو اعتراف ڪرڻو پيو ته لاهور، سليمانڪي، فيروزپور تي ڀارتي فوج جو حملو ناڪام ٿي ويو آهي، جنهن ۾ وڏو نقصان ٿيو آهي ان ڏينهن صدر ايوب خان پاڪ فضائيه کي شاندار ڪارڪردگي تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته ڪشمير ۾ رڳو ريفرنڊم ئي امن آڻي سگهي ٿو شمير انقلابي ڪائونسل جي ترجمان ڀارت کي خبردار ڪيو آهي ته ڪشميري ڀارتي عزائم کي ڪچلندا، پاڪ فوج جي ڪمانڊر ان چيف جنرل موسيٰ تازو رٽائر ٿيل آفيسرن ۽ جوانن کي ڊيوٽي تي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو پنجاب جي گورنر ملڪ امير محمد خان چيو آهي ته فتح اسان جي مقدر آهي، اوڀر پاڪستان جي گورنر عبدالمنيم خان ڀارت کي ڌمڪي ڏني ته ڀارت کي اوڀر پاڪستان ۾ جارحيت جا بدترين نتيجا ڀوڳڻا پوندا پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل اي آر خان نيول فورسز جي نالي پيغام ۾ چيو ته قوم جي اميدن تي پورو لهڻ لاءِ پاڪ بحريه جا جهاز بابر، خيبر، بدر، جهانگير، عالمگير، شاهجهان ۽ ٽيپو سلطان سيپٽمبر جي شام 6 وڳي پوزيشن کڻندا 7 حڪم ڏنو ويو ميجر جنرل اختر حسين کي والاريل ڪشمير ۾ جوديان سيڪٽر ۾ بهادري جي لاءِ هلال جرئت سان نوازيو ويو، هن يقين ڏياريو ته مقدس هنڌن جي حرمت کي هر قيمت تي برقرار رکيو ويندو.