جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان هڪ دفعو ٻيهر 8 فيبروري جي چونڊن ۾ ڌانڌلي واريون چونڊون قرار ڏيندي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته هو استعيفائون ڏئي نئين سري سان چونڊن جو اعلان ڪيو وڃي. اسد قيصر جي رهائشگاهه تي مانجهاندي ۾ محمود خان اچڪزئي، عمر ايوب، جنيد اڪبر، صاحبزاده حامد رضا، علامه ناصر عباس، مصطفيٰ نواز کوکر ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. مولانا فضل الرحمان پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر جي رهائشگاهه تي مانجهاندي ۾ شرڪت کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر جو آئيني مدو به پوريو ٿيو، انهي تي مشاورت ٿيڻ گهرجي. جي يو آءِ سربراهه چيو ته 2018 جون چونڊون ڌانڌلي واريون هيون، حڪومت کي استعيفيٰ ڏئي نئين سري سان چونڊن جو اعلان ڪرڻ گهرجي. اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته سمورين پارٽين انهي موقف جو عهد ڪيو آهي ته موجوده حڪومت عوام جي نمائنده حڪومت نه آهي انهي لاءِ ملڪ ۾ فوري طور تي نيون چونڊون ڪرايون وڃن.