خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته 9 مئي جو اصل ڏوهاري ته خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير بڻجي ويو آهي. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته وزيراعظم جو ٿورائتو آهيان جنهن ڪي پي ڪي ۾ لوڊشيڊنگ گهٽ ڪئي وزيراعظم سان صوبي جي مسئلن تي ڳالهيون ڪيون آهن ڪي پي ڪي جي گورنر چيو ته مرڪز ۽ صوبي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪندس، اميد آهي ته مستقبل ۾ جيڪڏهن اهڙو رويو رهيو ته وفاق طرفان مسئلو حل ٿي ويندو. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته ڪي پي ڪي جي وڏي وزير کي دعوت ڏيان ٿو ته گورنر هائوس اچو صوبي جي امن ۽ ترقي جي لاءِ گڏجي ويهون. ڪي پي ڪي جي وڏي وزير کي چيو هو ته دليلن سان وفاق سان ڳالهيون ڪريو ۽ پنهنجي علائقي جا مسئلا ٻڌايو پر هو اهڙي زبان استعمال ڪندو هو جنهن سان مسئلي جو حل نه نڪرندو هو. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته 9 مئي جو جيڪي اصل ڏوهاري هئو اهو ته خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير بڻجي ويو 9 مئي جي ماسٽر مائنڊ سميت سمورن جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته پي ٽي آءِ ماضي جي غلطين تي معافي گهري ته اسان ڳالهيون ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون پر جيڪڏهن اهي اسٽيبلشمينٽ جي ڪلهن ذريعي اچڻ چاهين ٿا ته ڪجهه نٿا چئي سگهون.