“9 مئي جي مقدمن ۾: پراسيڪيوشن پي ٽي آءِ رهُنمائن خلاف بيان واپس وٺي ڇڏيو”

انسداد دہشت گردی عدالت راولپنڈی ۾ 9 مئي جي 13 مقدمن جي سماعت دوران پراسيڪيوشن پي ٽي آءِ جي ٽن رهُنمائن سان لاڳاپيل پنهنجو بيان واپس وٺي ڇڏيو.

خصوصي عدالت جي جج امجد علي شاه جي زير نگراني ۾ ڪيس جي سماعت دوران شيخ رشيد، عمر ايوب، بابر اعوان، راجا بشارت، کنول شوذب ۽ شيرين مزاري پيش ٿيا. سماعت دوران پراسيڪيوشن ٽن گواهن سان لاڳاپيل لاعلمي جو اظهار ڪندي ٻڌايو ته صداقت عباسي، واثق قيوم ۽ عمر تنوير بٽ وعده معاف گواهه ناهن رهيا ۽ پنهنجي اقبالي بيان کان منحرف ٿي ويا آهن.

عدالت پي ٽي آءِ رهُنمائن کي حاضري لڳائي واپس وڃڻ جي اجازت ڏني ۽ ڪيس جي سماعت 2 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ياد رهي ته اهي ٽن گواهن باني پي ٽي آءِ ۽ ٻين قيادت خلاف پنهنجن 164 جي بيانون کان منحرف ٿي چڪا آهن.