9 مئي سانحو: عمران خان جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ به گرفتار

تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي 9 مئي سانحي دوران جي ايڇ ڪيو حملي جي ڪيس ۾ به گرفتاري وڌي وئي راولپنڊي جي دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج ملڪ اعجاز ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن سلسلي ۾ عمران خان کي عدالت ۾ طلب ڪيو ويو هو پر جيل اختيارين کيس پيش ڪرڻ کان معذرت ڪري ورتي جنهن کان پوءِ ان جي وڊيو لنڪ ذريعي پيشي يقيني بنائي وئي ٻڌڻي دوران آر اي بازار ٿاڻي جي ايس ايڇ او عمران خان جي جسماني ريمانڊ جي استدعا ڪئي جنهن کي عدالت رد ڪري ڇڏيو. عدالت چيو ته 9 مئي جي جيترن به ڪيسن ۾ عمران خان نامزد آهي ان جي اڊيالا جيل ۾ ئي جاچ ڪئي وڃي ياد رهي ته گذريل ڏينهن آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي خصوصي عدالت پي ٽي آءِ باني عمران خان کي آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو هو جج ابوالحسنات ذوالقرنين حڪم جاري ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ باني جي ضمانت منظور ٿي چڪي آهي عمران خان ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ نامزد نه آهي ته کيس آزاد ڪيو وڃي.