9 مئي سانحي بابت فوجي عدالتن ۾ سويلينز جو ٽرائيل شروع ٿي ويو آهي ۽ وفاقي حڪومت سپريم ڪورٽ کي ان سلسلي کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي وفاقي حڪومت طرفان عدالت کي گڏيل درخواست ۾ سويلينز جي فوجي عدالتن ۾ ٽرائيل کان آگاهه ڪيو ويو آهي وفاقي حڪومت طرفان داخل ڪيل درخواست چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جي 3 آگسٽ جي حڪم نامي جي روشني ۾ عدالت کي ٽرائلز جي شروعات کان آگاهه ڪيو ويو آهي. فوجي تحويل ۾ ورتل ماڻهن کي پاڪستان آرمي ايڪٽ 1952 ۽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي تحت گرفتار ڪيو ويو هو. گرفتار ڪيل ماڻهو جي ايڇ ڪيو، راولپنڊي ۽ ڪور ڪمانڊر هائوس لاهور تي حملي ۾ ملوث آهن. گرفتار ماڻهو پي اي ايف بيسن ميانوالي، آءِ ايس آءِ سول لائين فيصل آباد تي حملي ۾ به ملوث آهن درخواست موجب گرفتار ماڻهو حمزه ڪيمپ، بنون ڪيمپ ۽ گوجرانوالا ڪيمپ تي حملي ۾ ملوث هجڻ تي گرفتار ڪيا ويا آهن وفاقي حڪومت طرفان جمع ڪرايل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته 9 ۽ 10 مئي جي واقعن جي روشني ۾ 102 ماڻهو گرفتار ڪيا ويا ۽ اهڙن ماڻهن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ فوجي عدالتن ۾ ٽرائيل شروع ڪيو ويو آهي جڏهن ته گرفتار ماڻهن جي مفاد کي نظر ۾ رکندي ٽرائيل ڪيو پيو وڃي درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته فوجي عدالتن ۾ ٽرائيل دوران ڏوهاري ثابت نه ٿيڻ تي بري ٿي ويندو ۽ فوجي عدالتن ۾ ٽرائيل سپريم ڪورٽ جاري ڪيس جي فيصلي سان مشروط ٿيندو. درخواست ۾ ٻڌايو ويو آهي ته فوجي عدالتن ۾ ٽرائيل کان پوءِ جيڪو ڏوهاري هوندو ان کي سزائون ڏنيون وينديون. 9 ۽ 10 مئي جي واقعن ۾ ملوث ماڻهو جيڪي ڏوهه موجب جيل ڪاٽي چڪا آهن انهن کي آزاد ڪيو ويندو. جڏهن ته فوجي ٽرائيل کان پوءِ قانون موجب سزائن خلاف ڏوهاري يافته ماڻهو لاڳاپيل فورم سان رابطو ڪري سگهندا.