9 مئي سانحي جي جاچ ڪندڙ ٽيم 14 ڪيسن جي جاچ مڪمل ڪري ورتي آهي جنهن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي 10 ڪيسن ۾ نامزد ڪندي ڏوهاري قرار ڏنو ويو آهي رپورٽ موجب 9 مئي ڪيسن جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي 14 ڪيسن جي جاچ مڪمل ڪري ورتي آهي جي آءِ ٽي جي ذريعن موجب تحريڪ انصاف چيئرمين جي خلاف مُک ڪيس 23/96 جو چالان ٻن هزارن صفحن تي ٻڌل آهي پي ٽي آءِ چيئرمين جي خلاف سوشل ميڊيا بابت چار سئو کان وڌيڪ شاهديون مليون آهن گرفتار جوابدارن جي بيانن ۽ نشاندهي تي پي ٽي آءِ چيئرمين کي ڏوهاري قرار ڏنو ويو جي آءِ ٽي اختيارين موجب جناح هائوس حملي ۾ سڌو سنئون ملوث 80 جوابدارن جي بيانن ۾ سازش ظاهر ٿي آهي 9 مئي جي واقعن تي جاچ دوران سازش جون شاهديون به مليون پي ٽي آءِ چيئرمين جا بيان ان وقت جي حالتن کان تڪراري نظر آيا جي آءِ ٽي موجب ٻين 9 ڪيسن ۾ پڪين شاهدين جي روشني ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين ڏوهاري قرار ٿيو آهي 14 ڪيسن جو چالان جلد عدالت ۾ جمع ڪرايو ويندو