9 مئي واقعا: شيخ رشيد جي ضمانت ۾ 25 نومبر تائين واڌ

دهشتگردي جي انت واري عدالت 9 مئي جي ڪيسن ۾ شيخ رشيد ۽ راشد شفيق جي ضمانت واري درخواست ۾ 25 نومبر تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج ملڪ اعجاز آصف شيخ رشيد احمد ۽ راشد شفيق جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي شيخ رشيد ۽ شيخ راشد شفيق به دهشتگردي جي انت واري عدالت راولپنڊي پهتا هئا دهشتگردي جي انت واري عدالت 50 هزار روپين جي مچلڪن عيوض 18 نومبر تائين ضمانت منظور ڪئي. ٻڌڻي جي موقعي تي شيخ رشيد پنهنجي وڪيل سردار عبدالرزاق ايڊووڪيٽ سان گڏ جج ملڪ اعجاز آصف جي آڏو عدالت ۾ پيش ٿيو ضمانت کان پوءِ شيخ رشيد صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته اڄ 23 ڪيسز جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ جي ايڇ ڪيو حملو، ڳجهن ادارن تي حملو، آرمي اداري تي حملي سميت 9 مئي سانحي جا سمورا ڪيسز شامل آهن هن چيو ته چلي کان پهريان ڪوبه ڪيس نه هو، چلي کان پوءِ هڪ ٻئي پٺيان ڪيسز بڻجندا ويا. اڄ 23 ڪيسن ۾ سرڪار وڌيڪ تياري جي استدعا ڪئي آهي سرڪار جو زور هو ته هڪ هفتو وڌيڪ ڏنو وڃي. ضمانتن ۾ 25 نومبر تائين واڌ ڪئي وئي آهي. 25 نومبر تي صبح جو هتي ۽ ٻنپهرن جو اسلام آباد ۾ ٽرائيل ٿيندو اڳوڻي وفاقي گهرو وزير چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي راولپنڊي بينچ جي جسٽس چوڌري عبدالعزيز سمورين ضمانتن جي ڪيسز جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي. هڪ هفتي اندر سڄي دنيا کي خبر پئجي ويندي ته اسان جي خلاف ڪيترا ڪيسز داخل آهن. چلي کان 3 ڏينهن اڳ منهنجي مٿان هڪ به ڪيس داخل نه هو. 68 ڪيسز هينئر تائين سامهون اچي چڪا آهن. باقي الله وڏو آهي.