پي ٽي آءِ چيئرمين جي ڀينرن ۽ اسد عمر کي عدالت 9 مئي واقعن تي داخل ڪيسن ۾ جاچ ۾ شامل ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي دهشتگردي جي انت واري عدالت لاهور ۾ 9 مئي واقعن تي داخل ڪيسن ۾ اسد عمر ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ٻنهي ڀينرن جي عبوري ضمانتن تي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ عدالت سمورن جوابدارن کي جاچ ۾ شامل ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ٻڌڻي دوران اسد عمر ۽ تحريڪ انصاف چيئرمين جون ٻئي ڀينرون دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش ٿيون جتي جاچ آفيسر موقف اختيار ڪندي چيو ته اسان کي جوابدارن جي گرفتاري گهربل آهي. جوابدار جاچ ۾ شامل نه ٿيا آهن 2-2 مهينن کان عبوري ضمانتون هلي رهيون آهن. جوابدار جاچ آفيسر ۽ جي آءِ ٽي جي آڏو پيش نه ٿي رهيا آهن. هتي اچڻ کان پوءِ غلط بياني ڪئي پئي وڃي ته جوابدار جاچ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ آيا آهن پر جاچ آفيسر نه مليو آهي جوابدارن جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته اسد عمر ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ٻنهي ڀينرن تي ڪهڙا الزام آهن اهي اسان کي ٻڌايو. اسان کي خبر آهي ته هنن سڀني جوابدارن کي ڏوهاري لکيو آهي جاچ ۾ شامل ٿيڻ کان پوءِ به اهوئي ڪرڻو آهي جنهن کان پوءِ دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج ارشد جاويد عبوري ضمانت تي ٻڌڻي کان پوءِ اسد عمر سميت ٻين جوابدارن جي ضمانتن ۾ 22 نومبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.